پونجو سيٺ

پونجو سيٺ: ڪتاب ”تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر“ ۾ غلام رسول مهر لکي ٿو ته: ”سيٺ پونجو، ديو ڪرن جو پٽ هو، جڏهن ڪڇ تي راءِ ديسل جي حڪومت هئي تڏهن ڪڇ ٻاهرئين حملي جو نشانو بڻيو، ان وقت راءِ ديسل وٽ حفاظت ۽ بچاءَ جو ڪو به ساز سامان نه هو، انهيءَ حالت ۾ راءِ ديسل جي راڻيءَ سندس مددگار ٿي. راڻيءَ جو منشي ديو ڪرن هو، راڻي پنهنجي منشي ديو ڪرن کي راءِ ديسل جي آڏو پيش ڪيو. ديو ڪرن ملڪي معيشت ۾ سڌارا آندا ۽ فوج کي ٻن حصن ۾ ورهايو. هڪ حصو قلعي جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيائين ۽ ٻيو حصو سرحد ۽ مورچن تي مقرر ڪيائين. راءِ ديسل انهن خدمتن عيوض ديو ڪرن کي ”ڪل مختيار“ جو عهدو ڏنو ۽ سموري ملڪ جي نظام جي واڳ سندس حوالي ڪيائين، جنهن کان پوءِ ملڪ زوال مان نڪري وڃي عروج تي پهتو، جلد ئي راءِ ديسل بيمار ٿيو ته سندس پٽ راءِ لاکو تخت تي ويٺو ۽ جڏهن راءِ ديسل ٺيڪ ٿيو ته راءِ لاکي پنهنجي پيءُ ديسل کي جيل ۾ رکيو، جتي راءِ ديسل ڏهن سالن کان پوءِ 1745ع ۾ وفات ڪئي. راءِ لاکو جيئن ته سخت ظالم، بدمعاش ۽ عياش حڪمران هو، ان ڪري پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ديو ڪرن کي قتل ڪرايائين ۽ مٿس اهو الزام مڙهيائين ته ديو ڪرن جا راءِ ديسل جي راڻيءَ (راءِ لاکي جي ماءُ) سان ناجائز تعلقات هئا. ديو ڪرن جي پٽ پونجي سيٺ هيءُ ظلم ڏسي صبر ڪيو، پر جڏهن لاکي پونجي کي قتل ڪرڻ چاهيو تڏهن پونجي ديوان گدومل سان خط و ڪتابت ڪئي ۽ ان جي معرفت پونجو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سان وڃي مليو، ميان غلام شاهه هن ڏي هڪ سئو اشرفيون ۽ هڪ سئو سپاهي پيشوائيءَ لاءِ موڪليا. سنڌ جي فوج 9 ربيع الثاني 1176هه/ 38 آڪٽوبر 1722ع ۾ ڪڇ تي پهرين ڪاهه ڪئي، جنهن ۾ ان جي فوج جي جوانن کي فتح حاصل ٿي، جنهن کان پوءِ راءِ لاکي مڪر سان پونجي کي سڏي صلح جي گذارش ڪئي، صلح ڪن شرطن تي ٿيو، جن ۾ هڪ اهو به هو ته راءِ لاکي جي ڀيڻ جي شادي ميان غلام شاهه سان ٿيندي، انهن شرطن جي پورائيءَ جي ذميداري پونجي پاڻ تي کنئي، پر جڏهن سنڌي فوج واپس ٿي، تڏهن راءِ لاکي پنهنجي اصليت ڏيکاري ۽ پونجي کي زهر پياري قتل ڪرائي ڇڏيائين. جڏهن هن سڄي ڪارروائيءَ جي خبر ميان غلام شاهه کي پئي تڏهن هن 1178هه/1765ع ۾ ٻيهر ڪڇ تي حملو ڪيو، جنهن حملي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا، پر ميان صاحب قلعو فتح ڪري ورتو. ان کان پوءِ لاکي ميان صاحب کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجي سئوٽِ جي ڌيءَ جي شادي ميان غلام شاهه سان ڪرائي، جنهن کي ميان غلام شاهه اڳتي هلي ”سنڌ راڻي“ جو خطاب ڏنو“.


هن صفحي کي شيئر ڪريو